اسلام آباد – 11 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ منفرد نوعيت جا دوستاڻا لاڳاپ?? دنيا جي لاءِ مثال آهن، ٻنهي دوست ملڪن ۾ لاڳاپا گڏيل احترام، اعتماد، مفادن ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري تي هموار آهن، ٻنهي دوست ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ مضبوط کان مضبوط ٿيندا رهيا آهن، هلندڙ مهيني دوران سي پيڪ تحت رشڪئي اڪنامڪ زو?? جو افتتاث ٿي رهيو آهي. اهڙن خيال?? جو اظهار هن چين جي سفير نونگ رونگ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻه طرفي لاڳاپن، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن ۽ گڏيل ??لچ??پي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏ?? وٺ ڪئي وئي.