اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڱ??ري ڏينهن شروع ٿيندڙ پناهگيرن بابت پهرين عالمي فورم (جي آر ??يف) ۾ شرڪت ڪندو. سومر ڏينهن وزيراعظم ميڊيا آفيس طرفان ج??ري بيان موجب پناهگيرن بابت گڏيل قومن جي هاءِ ڪمشنر (يو اين ايڇ سي آر) ۽ سوئٽزرلينڊ جي حڪومت جي آر ??يف جي گڏيل ميزباني ڪري رهيا آهن. وزيراعظم عمران خان کي ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان ۽ ڪوسٽاريڪا، ايٿوپيا ۽ جرمني جي اڳواڻن سان پناهگيرن جي ڀلائي، ترقي ۽ تحفظ جي لاءِ پنهنجي مثالي ڪردار سبب ??ورم جي گڏيل صدارت جي دعوت ڏني آهي.