اسلام آباد – 30 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وفاقي گادي واري شهر ۾ امن امان جي صورتحال ۾ بهتري جي حوصلا افزائي ڪندي چيو آهي ته اسلام آباد هر لحاظ ??ان هڪ ماڊل سٽي ??جڻ گهرجي، ڪمزور طبقي جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ وڏن ڏوهاري پيشي عنصرن ۽ مافيا جي خلاف وڌيڪ گهيرو تنگ ڪيو وڃي، سي ڊي اي ۾ سڌارن جو بنيادي مقصد عوام کي بهترين شهري سهولتن جي فراهمي سان گڏوگڏ معاشي ۽ اقتصادي عمل ۾ نمايان اضافو ??جڻ گهرجي ته جيئن روزگار جا موقعا فراهم ٿين ۽ ماڻهن جي زندگي جو معيار بهتر ٿي س??هي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ امن امان جي صورتحال، ترقياتي معاملن ۽ شهرين کي بهترين شهري سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدا??ت ڪندي ڪيو.