اسلام آباد – 13 مارچ (اي پي پي) نيشنل سيڪيور??ي ڪائونسل طورخم، تفتان، چمن ۽ سوست سميت سرحدي علائقن کي 15 ڏينهن لاءِ بند ڪرڻ ۽ عوامي ميڙن کي محدود ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي،جڏهن ته عالمي اڏامون صرف اسلام آباد، ڪراچي ۽ لاهور ايئرپورٽس تي اچي سگهنديون ۽ ايئرپورٽس تي حفاظتي انتظامن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا، پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته نيشنل سيڪيور??ي ڪائونسل جي اجلاس ۾ ڪرونا وائرس جي صورتحال تي غور وي??ار ڪيو ويو?? وزيراعظم عوام کي عالمي چئلينج ??ي نظر ۾ رکندي حفاظتي قدم اختيار ڪرڻ ۽ عوامي ميڙن ۾ وڃڻ کان پاسو ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.