اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نيشنل ريڊيو ۽ ٽ??لي ڪميونيڪيشن ڪارپوريشن (اين ٽي آر سي) هري پور جو دورو ڪيو ۽ پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو وينٽي ليٽر جي پيداواري سهولت ج?? افتتاح ڪيو. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب سائنس ۽ ٽ??ڪنالاجي وارو وفاقي وزير فواد چوڌري، توانائي وارو وزير عمر ايوب خان، وزيراعظم جو ڪووڊ 19 بابت فوڪ?? پرسن ڊاڪٽر فيصل سلطان، اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل ۽ اعليٰ عملدار به ان موقعي تي موجود هئا.