اسلام آباد – 03 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ??اد?? واري شهر، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا صوبي جي وڏن شهرن جي ماسٽر پلان کي نئين سر ترتيب ڏيڻ جي حوالي سان جائزي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ماحوليات واري صلاحڪار ملڪ امين اسلم، ??وم?? اسيمبلي ميمبر ۽ ماهر ٽائون پلاننگ خيال زمان، نئين پاڪستان ها??وسنگ اٿارٽي جي چيئرمين، ها??وسنگ جي سيڪريٽري ۽ ٻين سينئر عملدارن شرڪت ڪئي، جڏهن ته پنجاب جي چيف سيڪرٽري سميت پنجاب ۽ خيبرپختونخوا صوبي جا اعليٰ عملدار وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا، ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان کي وفاقي ??اد?? واري شهر اسلام آباد، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا صوبي جي وڏن شهرن جي ماسٽر پلانز جو حاضر دور جي ضرورتن موجب هم آهنگ ڪرڻ ۽ نئين سر جوڙڻ جي حوالي سان هيستائين جي اڳڀرائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.