اسلام آباد – 25 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر شهباز گل سينيٽر رحمان ملڪ جي ٽويٽ جي رد عمل ۾ چيو آهي ته ملڪ صاحب هي انهن ماڻهن جي باري ۾ آهي جن جي 20 س??لن کانپوءِ پرفارمنس توهان جي پارٽي وانگر بدترين هوندي. ڇنڇر ڏينهن ٽويٽر تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته جيڪي سرڪاري ملازم 20 س??ل ۾ تمام ئي بري پرفارمنس ڏيکاريندا هوندا انهن کي ت??قي نه ڏني ويندي. توهان پنهنجي حڪومت جهڙن نالائقن کي اسان تي ڇو مسلط رکڻ چاهيو ٿا.