اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو آهي ته حڪومت قانون جي هڪجهڙي لاڳو جي حوالي سان ڪا به رعايت نه ڪندي، ميان نواز شريف کي وطن واپسي آڻڻ لاءِ سمورا قد?? کنيا ويندا، اين آر او ??ي حوالي سان حڪومت بليڪ ميل نه ٿيندي، جڏهن ته وزيراعظم چيو آهي ته ماضي ۾ ڏنل اين آر اوز جي ??ري ملڪ جي قرضن ۾ ڪ??ترائي ڀيرا وڌيڪ اضافو ٿيو آهي ۽ ملڪ کي قرضن جي ??ٻڻ ۾ ڌڪيو ويو آهي، ڪابينا بلوچستان حڪومت جي درخواست تي بليدا ٽائون انفرااسٽرڪچر ڊولپمينٽ پراجيڪٽ لاءِ فرنٽيئر ڪور بلوچستان ڏکڻ لاءِ ٻن پلٽونن جي منظوري به ڏني. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ تازين برساتن جي نتيجي ۾ ڪراچي سميت سنڌ صوبي جي عوام جي مشڪلاتن جي حوالي سان ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان جي ازالي لاءِ قد??ن جي ضرورت تي زور ڏنو ويو، اجلاس کي قبائلي علائقن جي انضمام کانپوءِ ڪوٽا جي نظام ۽ انهن علائقن ۾ عوام کي ملڪ جي ٻين علائقن جي برابر آڻڻ جي حوالي سان ڪوٽا سسٽم جي اهميت تي بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم عمران خان ان حوالي سان چيو ته گهٽ ترقي يافته ۽ پوئتي پيل علائقن ۽ طبقن کي ملڪ جي ٻين حصن جي برابر آڻڻ موجود حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ڪ??ٽا سسٽم پهرين وانگر جاري آهي جنهن جو مقصد پوئتي پيل ماڻهن کي ملڪ جي ٻين حصن جي برابر آڻڻ آهي، هن چيو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته ڪوٽا سسٽم ۾ انصاف هجي.