اسلام آباد – 08 س??پٽ??بر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۽ قوم جي ترق?? ۽ ??وشحالي ۾ معياري تعليم جي فراهمي اهم حيثيت رکي ٿي، ان حوالي سان موقعا فراهم ڪرڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هو هتي خيبرپختونخوا صوبي ۾ هائير ايجوڪيشن جي فروغ جي حوالي سان قدمن جي ج??ئزي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ تعليم وارو وزير شفقت محمود، اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، خيبرپختونخوا جو گورنر شاهه فرما??، خيبرپختونخوا جو وڏو وزير محمود خان، هائير ايجوڪيشن ڪميشن جو چيئرمين طارق بنوري، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جو صلاحڪار خليق الرحما??، خيبرپختونخوا جو چيف سيڪريٽر?? ۽ ??يبرپختونخوا جي مختلف يونيورسٽين جا موجوده ۽ اڳوڻن وائيس چانسلرز ۽ سينئر آفيسر اجلاس ۾ شريڪ ٿا.