اسلام آباد – 31 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته خطي ۾ ڀارت کي اهميت ڏيڻ جو آمريڪي طرز عمل خامين تي ٻڌل آهي، والاريل ڪشمير تي آمريڪا مان ٻنهي ??لڪ?? سان هڪ جهڙي پاليسي جي اميد آهي، ڀارت چين، بنگلاديش، سريلنڪا، پاڪستان جي لاءِ خ??رو آهي، ڀارت نازي فلسفي تي هلندڙ فاشسٽ رياست آهي. اها ڳالهه هن جرمن خابرو اداري کي هڪ انٽرو??و ڏيندي چئي. ڪورونا وائرس جي حوالي سان هن چيو ته پاڪستان سمارٽ لاڪ ڊائون ذريعي ڪورونا وائرس جو مقابلو ڪيو، پاڪستان جي حڪومت ڪورونا وائرس جو مڪمل ادراڪ رکي ٿي. انهي لاءِ اسان ڪجهه علائقن تي سخت پاليسي اختيار ڪئي، اسان زرعي سيڪٽر کي ٻيهر کوليو، ڪنسٽرڪشن سيڪٽر کي کوليو ته جيئن روزاني جي بنياد تي ڪمائيندڙ متاثر نه ٿين.