اسلام آباد – پهرين نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جو فائدو قانون جي بالادستي کي يقيني بڻائڻ ۾ آهي، طاقتور ۽ ڪمزور جي لاءِ هڪ قانو?? هجڻ گهرجي، مخالف ڌر جو مفاد پاڪستان جي مفاد جي خلاف آهي، عمران خان ڪ??هن به انهن ڦورن کي معاف نه ڪندو، الله جو شڪر آهي ته جيڪ??هن اهي ماڻهو آرمي چيف ۽ آءِ ايس آءِ جي چيف جي خلاف ڳالهائي رهيا آهن ته انهن جي چونڊ ڪرڻ وارو منهنجو فيصلو ب??ڪل ٺيڪ هو، ڦورو هنن جي خلاف ڳالهائي رهيا آهن ته ان جو مطلب آهي ته هي بلڪل ٺيڪ ماڻهو آهن، ايندڙ ڏينهن ۾ ڏسنداسين ته ڪنهن جون ٽنگون ڏڪن ٿيون ۽ ڪنهن جي مٿي تي پگهر اچي ٿو، اسان جي سيڪيورٽي فورسز گذريل 15، 20 س??لن ۾ دهشتگردي جو ڪاميابي ۽ جرئت سان ??قابلو ڪيو ۽ ملڪ کي محفوظ بڻايو، ان جي ڪري پاڪستان جو اهُو حال نه آهي جيڪو باقي مسلمان ??لڪن جو ٿيو، اسان جي انٽيليجنس ايجنسين انتشار پکيڙڻ جي ڀارتي ڪوششن ۽ منصوبن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو آهي. گلگت ۾ گلگت بلتستان جي آزادي پريڊ کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته هو قوم کي ٻڌائڻ چاهي ٿو ته هڪ مضبوط فوج پاڪستان جي لاءِ ڪيتري ضروري آهي، ليبيا کان ??ٺي صوماليه، يمن ۽ افغانستان ۾ تباهي متل آهي، انهن ملڪن ۾ جنگيون ٿي چڪيون آهن يا ٿي رهيون آهن، انهن ملڪن جي عوام مشڪل ۾ آهي ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهي آهي.