لاهور – 25 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا سا?? ڏهاڙي فوتگيون 50 کان وڌي ويون آهن، هڪ قوم جي حيثيت ۾ احتياط نه ڪيو ويو ته ڪورونا ڪيسز ۾ اضافي سا?? گڏوگڏ معيشت به متاثر ٿيندي، سماجي فاصلن ۽ ايس او پيز تي عملدرآمد ڪري ئي ڪورونا کي شڪست ڏئي سگهجي ٿي، پاڪستان واحد ملڪ آهي جنهن رمضان المبارڪ ۾ مسجدون بند نه ڪيون، عوام ۽ عالم سڳورن جهڙي طرح اڳ ۾ ڪورونا وبا کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ حڪومت سا?? پورو تعاون ڪيو، اڄ ٻيهر ان تعاون جي ضرورت آهي، ڪورونا کان بچائيندي بچائيندي ماڻهن کي بک سا?? نه ٿا ماري سگهون، ان لاءِ ڪاروبار ۽ فيڪٽريون بند نه ڪنداسين، ڪورونا وبا دوران جلسن جلوسن جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، مخالف ڌي جيترا مرضي جلسا ڪري اين آر او نه مل??دو، معاشي لحاظ کان پاڪسدتان صحيح رخ ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي، فيصل آباد ۾ فيڪٽريون تيزي سا?? هليون ۽ مزدورون جي کوٽ درپيش آهي، قرضن جي قسطن جي ادائيگي جي ڪري معاشي مشڪلاتون درپيش آهن، قسطون نه ادا ڪرڻيون پون ته اسان جي آمدني خرچن کان وڌيڪ آهي، اوورسيز پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، پنجاب ۾ قبضا گروپ جي خاتمي لاءِ سمو??ا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهيا آهيون، شگر مافيا ڳٺ جوڙ سا?? کنڊ جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو، راوي ريور منصوبي تحت 60 لک وڻ لڳايا ويندا، ڪامياب پرڏيهي پاليسي سا?? دنيا ۾ پاڪستان جو مثبت اميج اڀريو آهي، اسان ڪشمير جي معاملي ۾ ڀارت کي دنيا آڏو بي نقاب ڪيو، ڊو مور جو مطالبو ڪندڙ آمريڪا اڄ اسان کي ساراهي رهيو آهي، ترڪي، ايران، افغانستان، سعودي عرب ۽ يو اي اي سا?? تمام سٺا لاڳاپا آهن، جيستائين اسرائيل فلسطين کي آزادي نه ٿو ڏي ان وقت تائين اسرائيل کي تسليم نه ٿو ڪري سگهجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار لاهور ۾ صحافين سا?? ڳالهائيندي ڪيو.