اسلام آباد – 31 – ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعوان ۽ قومي اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف جي چيف وهپ ملڪ عامر ڊوگر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جي حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو. ملاقات ۾ ڪووڊ – 19 جي ڪري پارلياماني ڪلينڊر تي عملدرآمد جو جائزو به ورتو ويو، ڊاڪٽر بابر اعو??ڻ اسپيڪر کي التوا ?? پيل قانوني مسودن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو، اسپيڪر ان موقعي تي چيو ته اجلاس گهرائڻ جي لاءِ پارلياماني پارٽين سان مشاورت ڪئي ويندي.