اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان 23 مارچ پاڪستان جي ڏهاڙي جي حوالي سان قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اسان کي قائد??عظ?? محمد علي جناح جي ڏنل ”اتحاد، ايمان ۽ تنظيم“ جي اصولن تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان جو ويزن پاڪستان کي مديني جي رياست وانگر هڪ حقيقي جمهوري فلاحي رياست ۾ تبديل ڪرڻ آهي، اسان جي عظيم قوم ماضي ۾ اتحاد ۽ ڀرپور عزم جي ذريعي ڏکين چئ??ين??ن تي ڪاميابي سان ضابطو آندو آهي، اڄ اسان کي ان وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ مضبوط رهڻ جي ضرورت آهي جنهن پوري دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي رکيو آهي.
وزير??عظ?? عمران خان چيو ته 23 مارچ 1940ع هڪ يادگار موقعو هو جڏهن ننڍي کنڊ جي مسلمانن پنهنجو پاڻ ??ي هندو توا ذهنيت جي جبر ۽ غلامي جي چنبي مان آزاد ڪرڻ لاءِ هڪ ڌار ملڪ جي قيام جو فيصلو ڪيو، اڄ اسان باباءِ قوم ۽ آزادي جي تحريڪ جي انهن سمورن اڳواڻن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جنهن برطانوي هند جي مسلمانن کي متحد ڪيو ۽ هڪ آزاد مسلم رياست جي قيام لاءِ جدوجهد ڪئي. جدوجهد جي نتيجي ۾ 14 آگسٽ 1947ع تي دنيا جي نقشي تي پاڪستان وجود ۾ آيو. هن چيو ته ان ڏينهن اسان ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي معصوم ماڻهن سان به يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا جنهن کي ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پاران بدترين رياستي جبر درپيش آهي، اسان انهن جي جرئت ۽ همت کي سلام پيش ڪريون ٿا ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لا??اپيل قراردادن موجب انهن جي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪشميري عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارت?? حمايت جاري رکنداسين.