اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ماحولياتي تبديلي ۽ گلوبل وارمنگ جي خراب اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻيلن ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ماحولياتي آلودگي گهٽ ڪرڻ ۽ هوا جو معيار بهتر بڻائڻ ??ي لاءِ شهري علائقن ۾ وڻ پوکڻا پوندا، مياواڪي جهڙي وڻڪاري جي جديد ٽيڪنڪ شهرين کي ص??ت مند ماحول فراهم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. هو مياواڪي فارسٽ بابت بريفنگ اجلاس جي ص??ارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني جي س??نئر نائب صدر سيد ظهير مهدي مياواڪي فارسٽ پوکڻ جي طريقيڪار ۽ ان جي فائدن ??ي باري ۾ بريفنگ ڏني.