اسلام آباد – 14 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته دهشتگردي جو ڪنهن ??ذهب سان تعلق نه آهي، سوشل مي??يا تي نفرت پکيڙيندڙ مواد سان انسانن کي ورهايو پيو وڃي، اسلامو فوبيا جي وڌندڙ واقعن جي ڏس ۾ عالمي اڳواڻ صورتحال جي سنگيني جو احساس ۽ نفرت پکيڙيندر ويب سائيٽس جي خلاف عالمي سطح تي ڪارروائي ڪن، سوشل مي??يا جي ذريعي نفرت پکيڙڻ جي اجازت نه هجڻ گهرجي، اظهار را??ِ جي آزادي جي حد ايستائين آهي جيستائين ٻيو ا??سان ان کان مجروح نه ٿئي، ڏاڙهي ۽ حجاب کي لبرل ڊيموڪريسي ۾ ڪو مسئلو نه هجڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??نڊن انٽاريو ۾ مسلمانن کي نشانو بڻائڻ ۽ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ واقعن جي حوالي سان ڪينيڊين براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (سي بي سي) کي هڪ انٽرويو ۾ ڪيو.