اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي گلبرگ گرينز اسلام آباد ۾ اي جي ٽاورز رهائشي منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. تقريب کي خطاب ڪندي سينيٽ چيئرمين چيو ته هائوسنگ ۽ تعميراتي شبعي ۾ سيڙپڪاري لا??ِ وسيع گنجائش موجود اهي، حڪومت نجي شعبي جي حوصلا افزئي لا??ِ مراعتن تي ڪم ڪري رهي آهي، ملڪ ۾ هائوسنگ يونٽس جي کوٽ کي نجي شعبي جي حصيداري سان ختم ڪري سگهجي ٿو، هن چيو ته نجي ۽ سرڪاري شعبو گڏجي هائوسنگ جي شعبي ۾ مختصر ۽ ڊگهي مدي واري حصيداري ڪري سگهن ٿا، ڪورونا وبا جي باوجود هائوسنگ ۽ تعميراتي جي شعبي ۾ وسيع پيماني تي سيڙپڪاري ??و رجحان حوصلي وارو آهي، هائوسنگ ۽ تعيمرات شعبي جي ڪري ڪيترن ئي ٻين صنعتن کي به سه??رو ملندو آهي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي.