اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مقامي حڪ??مت کي جمهوريت جو بنيادي ڍانچو قرار ڏيندي لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي پنجاب ۾ بلدياتي چونڊن جي فوري انعقاد جي لاءِ قدم کڻن. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پنجاب ۾ بلدياتي معاملن بابت اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، فواد چوڌ??ي، شفقت محمود، مخدوم خسرو ب??تي??ر، غلام سرور خان، چوڌري طارق بشير چيما، مونس الاهي، پنجاب جي خوراڪ واري وزير عبدالعليم خان ۽ لاڳاپيل سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. پنجاب جي بلديات واري وزير ميان محمو?? الرشيد وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پنجاب حڪ??مت وزيراعظم کي صوبي ۾ نئين لوڪل گورنمينٽ ماڊل تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مقامي حڪ??مت جمهوريت جو بنيادي ڍانچو آهي. هن ??ن ڳالهه کي ورجايو ته مضبوط بلدياتي نظام کانسواءِ جمهوريت نامڪمل آهي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي بلدياتي نمائندن جي سڌوسنئون چونڊن کي يقيني بڻائين ۽ پنجاب ۾ بلدياتي چونڊون فوري طور تي ڪرائڻ جي لاءِ قدم کڻن.