دوشنبي – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام نه رڳو پاڪستان ۽ تاجڪستا?? پر پوري خطي جي مفاد ۾ آهي، افغانستان ۾ اهڙي جامع حڪ??مت جي قيام جي ضرورت آهي جنهن ۾ سمورن گروپن جي نمائندگي موجود هجي، افغانستان جي دوست جي حيثيت سان اسان پنجشير جي معاملي کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ جا خواهشمند آهيون، پاڪستان ان سلسلي ۾ پشتون گروپن جڏهن ته تاجڪستان تاجڪن تي پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي ص??يحن کانپوءِ تاجڪستان جي ص??ر امام علي رحمانوف سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ڪامياب انعقاد تي تاجڪستان جي ص??ر کي مبارڪباد پيش ڪئي. هن تاجڪستان ۾ پنهنجي ۽ پنهنجي وفد جي بهترين ميزباني تي تاجڪستان جي ص??ر جو ٿورو به ادا ڪيو، وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، سياحت، اطلاعات، دواسازي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئ??، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ افغانستان جي صورتحال تي به اهم ڳالهه ٻولهه ٿ??، هن چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام نه رڳو پاڪستان ۽ تاجڪستا?? پر پوري خطي لاءِ ضروري آهي، وزيراعظم چيو ته افغان عوام 40 سالن کان مشڪلاتن جو شڪار آهي، ان کي امن جي ضرورت آهي، وزيراعظم چيو ته پنجشير ۾ طالبان ۽ تاجڪن جي وچ ۾ تڪرار جي پرامن حل لاءِ ثالثي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، اسان ڪوششون ڪنداسين ته ان معاملي کي ڳالهين سان حل ڪيو وڃي، ان سلسلي ۾ پاڪستان پشتون گروپن جڏهن ته تاجڪستان تاجڪن تي پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪندو. وزيراعظم چيو ته افغانستان جي تاريخ ۾ اها فيصلائتي گهڙي آهي، افغانستان ۾ پشتون 45 سيڪڙو آهن، ان کانسواءِ تاجڪ ۽ هزاره سميت ڪيترائي ٻيا گروپ به موجود آهن، افغانستان ۾ جامع حڪ??مت جي قيام جي ذريعي ئي پائيدار امن ممڪن آهي، ان سلسلي ۾ اسان پنهنجي پوري ڪوشش ڪنداسين، وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ قيام امن جامع حڪ??مت جي قيام سان ئي ممڪن آهي. ان کان اڳ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وفد جي سطح تي ڳالهيون ٿيون ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي ص??يحون ڪيون ويون، ان سلسلي ۾ تقريب دوشنبي جي ص??ارتي محل ”قطر ملت“ ۾ ٿي، وزيراعظم عمران خان ڳالهين ۾ پاڪستاني جڏهن ته تاجڪستان جي ص??ر امام علي رحمانوف پنهنجي ملڪ جي وفد جي قيادت ڪئي. ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان پاڪستان جڏهن ته صدر امام علي رحمانوف تاجڪساتن جي طرفان مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي ص??يحون ڪيون ۽ دستاويزن جي مٽاسٽا ڪئي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پرڏيهي معاملن، صنعتي تعاون ۽ ٻٽي ٽيڪسن کان بچاءُ، مني لانڊرنگ، دهشتگردن جي مالي مدد روڪڻ، فنانشل انٽيلي جنس، سياحت ۽ رانديون، اطلاعات سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي فر??غ لاءِ مفاهمتي يادداشتن تي ص??يحون ڪيون ويون، تاجڪ خابرو اداري ۽ پاڪستان جي قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي وچ ۾ به مفاهمتي يادداشتن تي ص??يحون ڪيون ويون، مختلف شعبن ۾ مفاهمتي يادداشتن تي ص??يحن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي فروغ حاصل ٿيندو.