اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشري??ت واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سينيئر صحا??ي، تجزيه نگار ۽ روزاني پاڪستان جي گروپ ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر قدرت الله چوڌري جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن ??يو ته قدرت الله چوڌري جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي افسوس ٿيو، مرحوم قدرت الله چوڌري جي لاڏاڻي سان ملڪي صحافت جو هڪ روشن باب بند ٿي ويو آهي، صحافت جي شعبي ۽ صحافي برادري جي حقن جي لاءِ مرحوم جي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ قدرت الله چوڌري کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونيئرن کي صبر جميل عطا فرمائي.