اسلام آباد – 11 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سينيئر صحافي طارق وردڪ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظ??ار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ت?? صحافت جي شعبي ۾ مرحوم طارق وردڪ جون خدمتون سدائين ياد رکيون وينديون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ پونيئرن کي صبر جميل عطا فرمائي.