اسلام آباد – 10 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان پارليامينٽ هائوس ۾ وز??را??ظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار بابر اعواڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ قانون سازي، قومي اسيمبلي جي ايجنڊا ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب ملاقات ۾ طئي ٿيو ته فنانس ترميمي بل تي مخالف ڌر کي خيالن جو اظهار ڪرڻ جو ڀرپور موقعو فراهم ڪيو ويندو ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽ??ن ۾ التوا ۾ پيل بل?? جي جلد منظوري لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم ک??يا ويندا. اسپيڪر چيو ته قومي اسيمبلي عوامي مسئلن جي حل ۽ ??لا??ي ۽ ترقي جي لاءِ پنهنجو آئيني ڪردار ڀرپور طريقي سان ادا ڪندي ۽ آئ??ن ۾ مقرر 130 ڏينهن کي پورو ڪيو ويندو. هن جو چوڻ هو ته قومي اسيمبلي عوامي اميدن تي پورو لهڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي.