اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪي معاشي ت??قي جي لاءِ صنعتي شعبي جي ت??قي انتهائي ضروري آهي، حڪومت صنعتي ت??قي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، ننڍي ۽ وچولي پئماني جي صنعت جي لاءِ ملڪ ۾ پهريون ڀيرو ايس ايم اي پاليسي جاري ڪئي وئي، ڪورونا وبا دوران حڪومت جي ??امياب پاليسين جي ??ري صنعتن جو ڦيٿو هلندو رهيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ملڪ ۾ صنعتي شعبي جي ت??قي تي اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس کي صنعتي شعبي جي موجوده صلاحيت ۽ ت??قي جي لاءِ مستقبل جي حڪمت عملي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حڪومت جي ??اروبا?? دوست پاليسين جي ??ري ملڪ ۾ ڪورونا وبا جي باوجود صنعتي شعبي تمام گهڻي ت??قي ڪئي جنهن جو سڀ کان وڏو دليل ٽيڪسٽائيل انڊسٽري جو پنهنجي مڪمل صلاحيت سان ڪم ڪرڻ آهي، تعميراتي شعبي جي ت??قي جي لاءِ حڪومتي پئڪيج جي ??ري ملڪ ۾ نه رڳو اقتصادي بهتري آئي پر روزگار جا وسيع موقعا فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته مينوفيڪچرنگ سيڪٽر هن وقت جي ??ي پي جو 12.79 سيڪڙو آهي جڏهن ته حڪومت ان کي وڌائي 25 سيڪڙو ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، مينوفيڪچرنگ سيڪٽر جي ت??قي سان ملڪ ۾ روزگار جي فراهمي ۽ مجموعي طور تي ملڪي معاشي حالتن کي بهتر ڪرڻ ۾ مدد ملندي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته حڪومت صنعتن جي موجوده صلاحيت کي وڌائڻ، ِسڪ يونٽس کي فعال ڪرڻ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، پلانٽ ۽ مشينري ۾ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ??رڻ ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري وڌائڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي تيار ڪئي آهي جنهن تي عملدرآمد ترجيحي بنيادن تي جاري آهي. ان کانسواءِ ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي ملڪ ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ، ننڍي ۽ وچولي پئماني تي صنعت جي ت??قي جي لاءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن. وزيراعظم صنعتن ۾ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻڻ جي هدايت جاري ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شوڪت فياض ترين، اسد عمر، خسرو بختيار، حماد اظهر، اسٽيٽ بئنڪ جي ??ورنر رضا باقر ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.