اسلام آ??اد – 20 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته اسلامي ملڪن کي نئين حقيقتن جي ڏس ۾ احتياط سان اڀرندڙ نئين عالمي نظام ۾ پنهنجا انفرادي ۽ اجتماعي مقصد حاصل ڪرڻ کي ممڪن بڻائڻ گهرجي. وزيراعظم ”عرب نيوز“ ۾ شايع ٿيندڙ پنهنجي مضمون ۾ چيو آهي ته ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن کي سڀ کان اڳ اصولن کي برقرار رکندي پنهنجي ??ودمختياري ۽ علائقائي سلامتي کي فروغ ڏيڻ گهرجي، وڏين طاقتن جي ??شمنين ۾ ملوث ٿيڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، عالمي تڪرارن کي حل ڪرڻ گهرجي ۽ پرڏيهي مداخلت کي روڪڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته انصاف سان امن جي قوت جي ??ور تي او آءِ سي کي فلسطين ۽ ڪشمير جي ??ودمختياري جي ??ق ۽ غيرملڪي قبضي کان آزادي جي منصفاڻي مقصدن جي ??مايت جاري رکڻ گهرجي. جيتوڻيڪ اهي هدف مشڪل آهن پر مون کي يقين آهي ته تاريخ جو دائرو انصاف طرف جهڪي ٿو. وزيراعظم هي صمون پاڪستان جي ميزباني ۾ 22 – 23 مارچ تي اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي مناسبت سان لکيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ڏهاڙي جي 75 هين سالگرهه جي موقعي تي اسلام آ??اد ۾ اسلامي پرڏيهي وزيرن واري ڪانفرنس جو انعقاد پاڪستان سان مسلمانن جي يڪجهتي جو غيرمعمولي مظاهرو آهي. وزيراعظم چيو ته اسلام آ??اد اجلاس عالمي تاريخ جي نازڪ موڙ تي ٿي رهيو آهي. 1945ع ۾ قائم ٿيندڙ عالمي سلامتي ۽ ا قتصادي نظام جي ڍانچي کي طاقت جي ??ار بار هڪ طرفي استعمال، هڪ نئين ”سرد جنگ“ ۽ قومن جي وچ ۾ وڌندڙ اڻبرابري، ڪوويڊ 19 وبائي بيماري، موسمياتي تبديلي جي ??ثرن ۽ ٽ??ڪنالاجي ??ي انقلاب جي نتيجي ۾ ختم ڪيو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته اسلامي تعاون تنظيم دنيا جي ٻي سڀ کان وڏي بين الحڪومتي تنظيم آهي ۽ اسلامي دنيا جي گڏيل آواز جي نمائندگي ڪري ٿي. ان ڳالهه کي ورجائيندي پاڪستان سدائين اسلام جو قلعو ۽ سڄي دنيا جي مسلمانن جي ??قن ۽ مفادن جو محافظ رهندو. هن چيو ته گذريل سالن ۾ تنظيم اسلامي دنيا جي گڏيل مفادن ۽ مقصدن کي اڳتي وڌايو آهي. هن چيو ته تنظيم عالمي امن ۽ سلامتي، تهذيب، ثقافت ۽ مذهبن جي وچ ۾ افهام تفهيم ۽ مڪالمي کي فروغ ڏيڻ ۽ امن، انصاف ۽ گڏيل احترام جي ??ظيم اسلامي قدرن کي فروغ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. وزيراعظم عمران خان مسلمان ملڪن تي زور ڏنو ته اهي امن، انصاف ۽ گڏيل احترام کي فروغ ڏين. مسلمان دنيا کي درپيش مسئلن جو پاڻ حل ڳوليون. هن چيو ته ڀارت جي ڄمون ۽ ڪشمير تي ان جي ??ڃاڻپ کسڻ، ان جي ??بادي جو تناسب تبديل ڪرڻ ۽ اتان جي ماڻهن تي وحشياڻو ظلم ڪري ان تي حتمي حل مڙهڻ جي ڪوشش ناڪام ٿيندي. هن زور ڏئي چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام ڄمون ۽ ڪشمير جي ??ڪرار جي گڏيل قومن جي ??لامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي ??واهشن موجب حل تي ٻڌل آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڀارت سميت سمورن پاڙ??سر?? ملڪن سان دوستاڻن لاڳاپن جو خواهشمند آهي، نئين دهلي کي گهرجي ??ه هو پاڪستان ۽ ڪشميرين سان مخلصاڻي ۽ نتيجاخيز ڳالهين جي لاءِ سازگار حالتون پيدا ڪري ۽ والاريل ڪشمير ۾ پنهنجي هڪطرفي قدمن بشمول آبادي جي ??ناسب ۾ تبديلين جا قدم واپس وٺي ۽ انساني حقن جي ??نگين ۽ وسيع پئماني تي خلاف ورزين کي روڪي. هن چيو ته 40 سالن کانپوءِ افغانستان ۽ خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي ??حالي جو حقيقي موقعو مليو آهي. اسان کي افغانستان ۾ انساني بحران ۽ معاشي تباهي کي روڪڻ جي لاءِ گڏيل طور تي ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ انساني حقن، خاص طور تي عورتن جي ??قن کي فروغ ڏيڻ ۽ ملڪ مان دهشتگردي جي ??طري کي ختم ڪرڻ جي لاءِ موثر حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي لاءِ افغان عملدارن سان فعال طور تي مشغول ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته شام، ليبيا ۽ يمن جي ??ڪرارن کي لاڳاپيل اسلامي ملڪن جي ??عاون جي ??ريعي حل ڪرڻ تمام ضروري آهي. هن چيو ته جڏهن به مسلمان ملڪن جي وچ ۾ يا غيرمسلم ملڪن يا ادارن جي وچ ۾ تڪرار پيدا ٿئي ٿو ته او آءِ سي کي ڳالهه ٻولهه ذريعي تڪرارن جي ??ل کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو امن ۽ سلامتي جو ڍانچو قائم ڪرڻ تي سنجيدگي سان غور ڪرڻ گهرجي. مجموعي طور تي مسلمان دنيا انساني ۽ قدرتي وسيلن سان مالامال آهي. اسان کي انهن خصوصيتن مان فائدو کڻڻ ۽ صلاحيتن کي وڌائڻ جي مقصد سان بهتر هم آهنگي پيدا ڪرڻ جي ??رورت آهي. هن چيو ته اقتصادي ۽ واپاري شعبن ۾ گڏيل قدم وڌيڪ سياسي هم آهنگي ۽ يڪجهتي طرف هڪ اهم قدم هوندو. وزيراعظم چيو ته ڪوويڊ 19 وبائي بيماري ۽ موسمياتي تبديلي اسان جي ??ماجي ۽ اقتصادي چئلينجن کي وڌيڪ وڌائي ڇڏيو آهي. وزيراعظم چيو ته اسلامي ملڪن کي ٻين اسرندڙ ملڪن جي لاءِ وبائي مرضن کان بحالي ۽ پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ مناسب وسيلن کي متحرڪ ڪرڻ گهرجي. ان ۾ قرضن ۾ ريليف ۽ نئين سر تنظيم سازي، 0.7 سيڪڙو سرڪاري ترقياتي امداد جا هدف مڪمل ڪرڻ، نئين خصوصي ڊرائنگ رائٽس ۾ غيراستعمال ٿيل 400 بلين ڊالر جي ٻيهر ورڇ، گهڻ رخي ترقياتي بئنڪن پاران وڏن قرضن، پائيدار انفراسٽرڪچر ۾ وڏي پئماني تي سرڪاري ۽ نجي ??عبي جي ??يڙپڪاري ۽ موسمياتي فنانس ۾ ساليانو 100 بلين ڊالر کان وڌيڪ جي موبلائيزيشن شامل آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته انهن کي عالمي ماليات، واپار ۽ ٽ??ڪس جي ڍانچي ۾ منصفاڻي ۽ برابر سلوڪ جو پڻ مطالبو ڪرڻ گهرجي، اسان کي دليري سان پنهنجي ملڪن مان هر سال اربين ڊالر جي ??دعنواني، دوکيبازي، ٽيڪس چوري ۽ ٽ??ڪس کان بچڻ جي ??ريعي ”محفوظ پناهگاهن“ طرف منتقلي کي روڪڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته او آءِ سي ملڪن کي مستقبل جي ??لم تي ٻڌل، ٺوس ۽ ڊيجيٽل عالمي معيشت جي لاءِ پاڻ کي تيار ڪرڻ جي ??رورت آهي. هن سائنس ۽ ٽ??ڪنالاجي، واپار ۽ واپاري رجحانن جو مطالعو ڪرڻ جي لاءِ او آءِ سي ”ڪميشن فار دي فيوچر“ قائم ڪرڻ جي ??جويز ڏني. وزيراعظم عمران خان چيو ته انهن کي اولهه ۽ اوڀر جي ??مورن ملڪن ۽ گروپن سان اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ گهرجي، ان سان گڏوگڏ اسان کي اسلامي ترقياتي بئنڪ ۽ او آءِ سي جي ٻين ادارن کي استعمال ڪندي اسلامي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي تڪميل جو فائدو کڻڻ گهرجي. هڪ خصوصي ماهر ٽاسڪ فورس او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، مالياتي، واپاري ۽ ٽ??ڪنالاجي ??عاون جي لاءِ منصوبو تيار ڪري سگهي ٿي. وزيراعظم چيو ته اسان جي ??قيدي اسلام جي لاءِ عالمي احترام کي فروغ ڏيڻ گهرجي ۽ هر جڳهه تي مسلمانن کي تحفظ فراهم ڪرڻ گهرجي. هن ان ڳالهه کي ورجايو ته اسان کي اسلام، پنهنجي مقدس ڪتاب يا اسان جي نبي ڪريم ﷺ جي ??وهين يا تضحيڪ تي سختي سان اعتراض اٿارڻ گهرجي. وزيراعظم افسوس جو اظهار ڪيو ته اسلامو فوبيا جو بدترين اظهار ڀارت کي خصوصي طور تي هندو رياست ۾ تبديل ڪرڻ جي ??رڪاري طور تي منظور ٿيل مهم آهي. ڀارت ۾ مسلمانن جي نسل ڪشي جو خطرو آهي. هن گڏيل قومن جي ??نرل اسيمبلي پاران او آءِ سي ملڪن سان پاڪستان جي ??جويز ڪيل قراردادن جي منظوري تي پڻ پنهنجي ??طمينان جو اظهار ڪيو جنهن ۾ 15 مارچ کي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي ??المي ڏينهن طور ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو هو. وزيراعظم پنهنجي ??زم جو اظهار ڪندي چيو ته اسان پل جو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين، سمورن مذهبن ۽ عقيدن جي ??حترام کي فروغ ڏينداسين ۽ تهذيبن جي وچ ۾ عالمي مڪالمي کي اڳتي وڌائيندا رهنداسين ته جيئن پرامن گڏيل بقاءَ ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي فروغ ڏئي سگهجي. هن باني پاڪستان جي ويزن کي پورو ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو ته جيئن ان کي هڪ جديد، جمهوري، اسلامي فلاحي رياست ۾ تبديل ڪيو وڃي جيڪا مديني جي ??ياست جي ??رز تي رسول الله ﷺ جي ??رشادن تي عمل پيرا ٿئي.