اسلام آباد – 23 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ديواگر، اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز تي سرحد پار کان دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪئي ??هي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن دهشتگرد حملي جي نتيجي ۾ شهادت ماڻيندڙ بهادر جوانن حوالدار تيمور، نائيڪ شعيب ۽ س??اه?? ثاقب جي درجن جي بلندي ۽ ملڪ جي دفاع دوران زخمي ٿيندڙ جوانن جي جلد ۽ مڪمل صحتيابي جي دع?? ڪئي. وزيراعظم ملڪ جي سرحدن جي حفاظت ۽ ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي عزم کي ساراهيو.