اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هڪ نجي انشورنس ڪمپني کي پنهنجي صارف کي 21 لک رپيا با??ه جي انشورنس ادا ڪرڻ جي هدايت ۽ بدانتظامي ڪندڙ قرار ڏيندي وفاقي انشورنس محتسب جي فيصلي جي خلاف ايشيا انشورنس ڪمپني جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته ڪمپني با??ه لڳڻ وقت آتشزدگي انشورنس کي لاڳو هجڻ کي تسليم ڪيو جڏهن ته ڪمپني با??ه سبب ٿيندڙ نقصان جو تعين ڪرڻ جي لاءِ سروي رپورٽ جا نتيجا به تسليم ڪيا آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته شارٽ سرڪٽ سبب لڳندڙ با??ه سبب اٽڪل 21 لک رپين جو نقصان ٿيو، جڏهن ته صارف کي جائز رقم ادا نه ڪئي و??ي. ??فصيل موجب انشورنس ڪمپني لاهور ۾ طحيٰ محد انٽرپرائيز کي با??ه لڳڻ جي وقت انشورنس پاليسي جو لاڳو نه هجڻ جو بهانو بڻائي ادائيگي کان انڪار ڪيو، جنهن تي شڪايت ڪندڙ انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ وفاقي انشورنس محتسب وٽ اپيل داخل ڪئي. محتسب شڪايت ڪندڙ جي دعويٰ کي تسليم ڪيو ۽ ڪمپني کي 30 ڏينهن ۾ ڪليم ادا ڪئي جيتوڻيڪ انشورنس ڪمپني فيصلي جي تعميل ڪرڻ بدران صد?? کي درخواست ڏني، جنهن کي صدر رد ڪري ڇڏيو آهي. صدر نجي انشورنس ڪمپني کي پنهنجي صارف کي با??ه لڳڻ جي انشورنس ڪليم ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.