ڪلر سيدان – 11 – آگسٽ (اي پي پي) ملڪ جي ٻين شهرن وانگر ڪلر سيدان ۾ به پاڪستان جي 75 هين جشن آزادي ڏهاڙي ڊائمنڊ جوبلي جون ت??ريبون شاندار طريقي سان مل??ائڻ جون ت??اريون شروع ٿي ويون آهن، ان سلسلي ۾ پهرين آگسٽ کان ئي ڪلر سيدان جي مختلف بازارن ۾ قومي جهنڊن، جهنڊين، بيجز سميت جديد دور جي هم آهنگ ن?? نئين ڊيزائن جي شين جي وڪري لاءِ اسٽالز سجايا ويا هئا جڏهن ت?? ڪلر سيدان جي شهرين پاران گهرن ۽ گاڏين ت?? سبز هلالي جهنڊو لڳائي پاڪستان سا?? پنهنجي محبت جو والهاڻو اظهار ڪيو پيو وڃي، جشن آزادي جي تيارين جي سلسلي ۾ شهرين جو چوڻ هو ته 14 آگسٽ شاندار طريقي سان مل??ائينداسين ان ڏينهن جي مناسبت سان گهرن کي پاڪستان جي جهنڊن سان سجايو پيو وڃي، هر شخص پنهنجي سگهه موجب ملڪ سان محبت جو اظهار ڪري رهيو آهي.