اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف ۽ گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي و?? ڪئي جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهن ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجائيندي مختلف شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. وزير??عظ?? آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي م??جب وزير??عظ?? گڏيل عرب امارات جي صدر سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزير??عظ?? گڏيل عرب امارات ۾ تازي ٻوڏ جي نتيجي ۾ پاڪستاني شهرين سميت قيمتي جانين جي زيان تي افسوس ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي گڏيل عرب امارات جي صدر پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ ٿيندڙ جاني نقصان ۽ هيليڪاپٽر حادثي ۾ فوجي جوانن جي شهادت تي پڻ دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزير??عظ?? شهباز شريف جي اپريل 2022ع ۾ گڏيل عرب امارات جي دوري دوران ڪيل فيصلن کي ورجائيندي ٻنهي اڳواڻن ان تي ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ سيڙپڪاري، توانائي ۽ بنيادي ڍانچي جي تعمير ۾ حصيداري سميت واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو عزم ڪيو. وزير??عظ?? گڏيل عرب امارات پاران پاڪستان کي ڪيترن ئي سالن کان فراهم ڪئي و??ندڙ معاونت کي اجاگر ڪندي چيو ته امارات پاران پاڪستان ۾ مختلف اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ هڪ ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي تازي اعلان جي آجيان ڪريون ٿا، پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن جن جون پاڙون گڏيل عقيدي، قدرن ۽ ثقافت ۾ ڳنڍيل آهن، گڏيل عرب امارات وچ اوڀر ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار ۽ سيڙپڪاري جو ذريعو آهي ۽ هو 16 لک کان وڌيڪ پاڪستانين جي ميزباني ڪري رهيو آهي.