اسلام آباد -16 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجه پرويز اشرف ملتان ۾ جلال پور انٽر چينج ويجهو بس ۽ ٽينڪر جي ٽڪر ۾ قيمتي انساني حي??تي??ن ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ڪالهه پنهنجي پيغام ۾ هن حادثي ??ي نتيجي ۾ 20 قيمتي انساني حي??تي??ن ضايع ٿيڻ تي متاثر ڪٽنبن سان دلي همدردي ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اسپيڪر چيو ته زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيان. هن چيو ته الله تعا??يٰ مرحومن جي مغفرت فرمائي ۽ پونئرن کي صبر عطا فرمائي.