اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف بجلي جي ??ڌيڪ بلن جي حوالي سان عوامي شڪايتن جو سخت نوٽيس وٺندي لاڳاپيل عملدارن کان فوري تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي، ان سلسلي ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ بجلي واري وفاقي وزير ??رم دستگير، خاص معاون احد چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چ??و ته عوام جي شڪايتن جي ازالي تائين سک سان نه ويهندس. خادم پاڪستان عوامي مسئلن جي حل لاءِ پنهنجي عوام آڏو جوابده آهي. آئون پنهنجي عوام سان سدائين سچ ڳال??ائ?? جي ??چن تي قا??م آهيان. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي بجلي جي بلن جي حوالي سان عوامي شڪايتن تي ترجيحي بنيادن تي تفصيلي رپورٽ ۽ سفارشون جوڙي پيش ڪرڻ جي ??دايت ڪئي.