اسلام ??باد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس ٻوڏ جي تباهي کان متاثر ماڻهن جي بحالي لا??ِ عالمي برادري کي دل کولي مدد ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته آئُون تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ پاڪستاني عوام ??ان گهر?? همدردي جي اظهار لا??ِ پاڪستان آيو آهيان. اسلام ??باد اچڻ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته آئُون ٻوڏ متاثرين سان يڪجهتي جي لا??ِ ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهتو آهيان، پنهنجي دوري دوران ٻوڏ کان متاثر علائقن جو دورو ۽ متاثرين سان ملاقات ڪندس. گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري سان پڻ ملاقات ڪندو. ان کان اڳ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جو ٻوڏ متاثرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ جي لا??ِ پاڪستان پهچڻ تي اسلام ??باد ايئرپورٽ تي پرڏيهي معاملن واري مملڪت?? وزير حنا رباني کر ۽ پرڏيه?? وزارت جي عملدارن استقبال ڪيو. ان کان اڳ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان اچڻ جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيت ۾ موسمياتي تبديلي جي ڪري پاڪستان ۾ برساتن ۽ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي کان متاثر ماڻهن جي بحالي لا??ِ عالمي برادري کي دل کولي مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.