اسلام آباد – 29 – سيپٽمبر (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آمريڪا پاڪستان جو وڏو واپاري حصيدار آ??ي، گڏيل اعتماد، احترام ۽ هم آهنگي جي بنياد تي دوستاڻن رابطن کي فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهيون، آمريڪا مشڪل حالتن ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي آهي، پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي چين ۽ افغانستان جي ڏس ۾ نه ڏسڻ گهرجي، ملڪ ۾ تازي ٻوڏ سان تباهي دستياب وسيلن کان تم??م وڌيڪ آهي، ٻوڏ متاثرين کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪ?? قدم کڻي رهيا آهيون، هن مشڪل گهڙيءَ ۾ عالمي برادري اسان سان گڏ بيٺل هجي ۽ مدد ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي 75 هين سالگرهه جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي سفارتي لاڳاپن جي تقريب ۾ شرڪت تي خوشي ٿي آه??، آمريڪا ۽ پاڪستان جا لاڳاپا 75 سالن تي ٻڌل آهن، ٻنهي ملڪن جا تاريخي ۽ دوستاڻا لاڳاپا اعتماد تي ٻڌل آهن، آمريڪا پاڪستان کي سڀ کان اڳ تسليم ڪندڙ ملڪن ۾ شامل آهي، ٻنهي طرفن کان لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪيو ويندو رهيو آه??، آمريڪا سان دوستاڻن لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهيون، پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي چين ۽ افغانستان جي ڏس ۾ نه ڏسڻ گهرج??، آمريڪا مختلف پروگرامن ۽ منصوبن جي ذريعي مشڪل حالتن ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي. هن چيو ته جڏهن پاڪستان ۾ بجلي جي شديد کوٽ هئي ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف انتهائي مشڪل معاشي حالتن ۾ 5 هزار ميگاواٽ بجلي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو، عمران خان جي ڌرڻي جي ڪري سي پ??ڪ متاثر ٿيو، سي پ??ڪ منصوبا متاثر ٿيڻ تي عوامي ردعمل کي منهن ڏيڻو پيو، آمريڪي ڪمپني اهڙين حالتن ۾ 3500 ميگاواٽ بجلي جي پ??داوار جي لاءِ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪئي ۽ تيز رفتاري ۽ شفافيت سان بجلي جي پ??داوار جا منصوبا لڳايا. وزيراعظم چيو ته اسان انهن دوستاڻن لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهيون، ماضي کي وساري سنجيده ڳالهه ٻولهه ذريعي اڳتي وڌائي سگهجي ٿو. هن چيو ته نيويارڪ ۾ آمريڪي صدر جو بائيڊن ۽ پرڏيهي وزير بلنڪن سان ڪارائتي ملاقات ٿي ۽ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 53 ملين ڊالر امداد ۽ همدردي جي اظهار تي انهن جا ٿورا مڃيا، آمريڪي پرڏيهي وزير پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ۾ به ٻوڏ متاثرين جي مدد جو عزم ظاهر ڪيو. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي تم??م وڌيڪ آهي، پاڪستان هڪ اسرندڙ ملڪ آهي، تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جو سبب بڻجندڙ موسمياتي تبديلي ۾ پاڪستان جو ڪو ڪردار نه آهي، ڪاربن گئسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، قدرتي آفت جو اسان ڪنهن کي ذميوار نه قرار ڏيون. هن چيو ته آمريڪا پاڪستان جو وڏو واپاري حصيدار آ??ي، ماضي ۾ آمريڪا پاڪستان ۾ 32 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي، جيڪڏهن منصوبابندي ۽ مناسب نگراني ۾ سيڙپڪاري کي استعمال ڪيو وڃي ها ته اڄ اسان ڪنهن جي آڏو هٿ نه ڦهلايون ها، پاڪستاني هڪ مضبوط قوم آهي، هتان جا ماڻهو پڙهيل لکيل ۽ محنتي آهن، اسان معاشي طور تي پ??هنجي پ??رن تي بيهڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ سان پاڪستان ۾ 4 ملين ايڪڙ تي بيٺل ڪپهه، چانور، ڪمند ۽ کجور جا فصل تباهه ٿي ويا آهن، 400 ٻارن سميت 1600 ماڻهو فوت ٿيا، 10 لک کان وڌيڪ گهر تباهه ۽ لکين چوپايو مال مري ويو آهي، ٻوڏ متاثرين خيمن ۽ کليل آسمان هيٺ رهڻ تي مجبور آ??ن ۽ اهي امداد جا منتظر آ??ن. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ متاثرين کي ريليف فراهم ڪرڻ حڪومت ۽ ادارن جي ذميواري آهي، ٻوڏ متاثرين جي لاءِ هر ممڪ?? قدم کڻي رهيا آهيون جڏهن ته تباهي دستياب وسيلن کان تم??م وڌيڪ آهي، ٻوڏ متاثرين جي طلب ۽ پهچ ۾ واضح طور تي فرق موجود آهي، اڃا ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ آبادڪاري جو مرحلو باقي آهي، چاهيون ٿا ته عالمي برادري هن مشڪل گهڙيءَ ۾ اسان سان گڏ بيٺل هجي ۽ بنيادي ڍانچي جي تعمير ۾ مدد ڪري، زراعت، انڊسٽري ۽ ٻين شعبن جي بحالي ۾ معاونت ڪئي وڃي، اسان رقم نه عوام جي بحالي لاءِ قدم چاهيون ٿا.