اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ هنگري جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جي ڪاٿي کي 50 ملين ڊالر جي موجوده سطح کان وڌائي 150 ملين ڊالر تائين وٺي وڃڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي مڪمل امڪ??نن کي استعمال ۾ آڻي سگهجي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اها ڳالهه هنگري ۾ پاڪستان جي نامزد سفير آصف حسين ميمڻ سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن هنگري ۽ پاڪستان جي نجي شعبن جي وچ ۾ زراعت، عمودي آبادگاري، روبو??ڪس?? انفارميشن ٽيڪنالاجي، واٽر مئنيجمينٽ، فلڊ واٽر مئنيجمينٽ، فصل جي انشورنس ۽ اعليٰ پيداوار رکندڙ ٻجن جي تياري سميت مختلف شعبن ۾ ممڪن گڏيل منصوبن جي لاءِ رابطا پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته هنگري سان تعاون جا وسيع امڪان موجود آهن. صدر چيو ته هنگري پاران پاڪستاني شاگردن کي ڏني ويندڙ وظيفن جي مڪمل استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي، هنگري پاران مستقبل ۾ پاڪستاني شاگردن جي لاءِ 200 ا??ڪالرشپس جي ايوارڊ کي وڌائي 400 ڪرڻ جو امڪان آهي، جنهن مان فائدو کڻڻ گهرجي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته هنگري ۾ تعليم ياف??ه ۽ تربيت يافته پاڪستاني انساني وسيلن کي واپس پاڪستان طرف راغب ڪرڻ جي لاءِ هڪ طريقيڪار جوڙڻ گهرجي. صدر پاڪستان جي جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي لاءِ هنگري جي حڪو??ت جي حمايت کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته نامزد سفير پاڪستان جي حقيقي تشخص، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف پاڪستاني قوم جي قربانين سان گڏوگڏ ڀارت ۾ اقليتن جي خلاف ٿيندڙ امتيازي سلوڪ، ڌمڪين ۽ تشدد کي پڻ اجاگر ڪري. صدر چيو ته هندوتوا جي فلسفي ۽ ڀارت ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي ڇو ته ان سان مسلم??نن جي جان ۽ مال خطري ۾ آهن.