اسلام آباد – 28 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪي حڪومت پاران ٻوڏ متاثرين جي لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي اضافي 30 ملين ڊالر جي اعلان جي آجيان ڪندي چيو آهي ته دنيا کي ٻوڏ سان پيدا ٿيند?? الميي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي امداد جي اپيل ۾ حصو وجهڻ گهرجي. پنهنجي ٽوئي?? ۾ ??ن چيو ته ٻوڏ متاثرين جي لاءِ وڌيڪ 30 ملين ڊالر جي انساني امداد جي اعلان تي آمريڪي حڪومت جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته سرديءَ جي موسم شروع ٿيڻ سان ئي خوراڪ، صحت ۽ رهائش جا چئلينج درپ??ش آهن. ٻوڏ سان پيدا ٿيند?? الميي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ دنيا ک?? فوري طور تي گڏيل قومن جي امداد جي اپيل ۾ حصو وجهڻ گهرجي.