اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پهرين ۽ ٻه نومبر تي چين جو دورو ڪندو. وزيراعظم کي ان د??ري جي دعوت عوامي جمهوريه چين جي رياستي ڪائونسل جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ ڏني آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان م??جب هلندڙ سال اپريل ۾ وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀا??ڻ کانپوءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف جو چين جو پهريون دورو هوندو. وزيراعظم 16 سيپٽمبر 2022ع تي ازبڪستان ۾ چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪئي هئي. چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي تاريخي ويهين نيشنل ڪانگريس جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم چين جو دورو ڪندڙ پهرين اڳواڻن ۾ شامل آهي. بيان م??جب وزيراعظم جو دورو پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ قيادت جي سطح جي دورن جي تسلسل جو اظهار آهي. وزيراعظم چين جي د??ري دوران صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ سان وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي د??ري دوران ڌريون گڏيل اسٽريٽجڪ تعاون جي حص??دا??ي جو جائزو وٺنديون ۽ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ان د??ري ۾ مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي ڪيترين ئي ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون متوقع آهن. جڏهن ته وسيع پئماني تي ٻطرفي تعاون جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ ۽ سي پيڪ جوائنٽ ڪوآپريشن ڪميٽي جي 27 آڪٽوبر تي ٿيندڙ 11 هين اجلاس جي ڏس ۾ سي پيڪ منصوبي تي تعاون جي رفتار کي مستحڪم بڻائڻ جي به اميد آهي.