اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) وز??راعظم شهباز شريف چيو آهي ته اتحادي حڪومت جي مشڪل فيصلن جي ڪري ملڪ ڪنگال ٿيڻ جي خطري مان نڪري چڪو آهي، پاڪستان جي م??اش?? صورتحال بابت غلط معلومات پکيڙي بي بنياد ٻڏتر واري ڪيفيت پيدا ڪرڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، حڪومت ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪ??ڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ناليواري عالمي انويسٽمينٽ بئنڪنگ اينڊ ڪيپيٽل مارڪيٽس فرم جيفريز (Jefferies) جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وز??ر اسحاق ڊار پڻ شريڪ هو. وز??راعظم ميڊيا آفيس موجب وز??راعظم شهباز شريف چيو ته اتحادي حڪومت سياسي قيمت جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ملڪ کي گذريل چئن سالن جي نااهلين جو ڪِيتو لوڙڻ کان بچائي ورتو آهي جڏهن ته مهانگائي کي گهٽ ڪرڻ ۽ عام ماڻهو جي ريليف جي لاءِ پڻ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت ٻاهريون واپاري خسارو گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ حڪومت سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪ??ي رهي آهي. وز??راعظم جيفريز جي وفد جي آجيان ڪئي ۽ ان کي پاڪستان ۾ پنهنجي آفيس کولڻ جي دعوت ڏني. ان موقعي تي وفد وز??راعظم جي قيادت ۾ ملڪ کي درپيش م??اش?? چئلينجز جو موثر مقابلو ڪري ملڪ جي م??اش?? استحڪام جي رخ گامزن ٿيڻ کي خوش آئنده قرار ڏنو.