اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان ۾ ڪوئيٽا ويجهو بليلي جي علائقي ۾ پو??يو ٽيم جي حفاظت تي مقرر پوليس جي گاڏي تي ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي واقعي جي فوري جانچ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن واقعي ۾ پوليس اهلڪار سميت هڪ ٻار جي شهادت تي دلي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پو??يو اهلڪار ملڪ مان ان موذي مرض جي خاتمي لاءِ پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ اهي فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن، جنهن تي آئون انهن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته شرپسند عنصر ملڪ مان پو??يو جي خاتمي جي ان مهم کي روڪڻ ۾ سد??ئي?? ناڪام رهندا ۽ پاڪستاني قوم قانون لاڳو ڪندڙ ??دارا ۽ پو??يو اهلڪار شرپسند عنصرن جي اهڙي ڪڌي ڪوشش کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا. وزيراعظم چيو ته ملڪ مان پو??يو جو مڪمل خاتمو حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. حڪومت ملڪ مان پو??يو جي خاتمي ت??ئي?? سک سان نه ويهندي، مون سميت سموري قوم جون همدرديون شهيدن جي گهرڀاتين سان گڏ آهن. وزيراعظم واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.