اسلام آباد – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته 8 سال گذرڻ جي باوجود اڄ به اسان اي پي ايس سانحي کي ناهيون وساري سگهيا، بزدل شرپسند عنصرن قوم جي مستقبل، معصوم ٻارن تي حملو ڪري انهن کي ش??يد ڪيو، ان ڏينهن کي ياد ڪري ڪير به پنهنجي ڳوڙها روڪي نه ٿو سگهي. اي پي ايس سانحي جي ش??يدن جي اٺين ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اي پي ايس سانحي جي ش??يدن پوري قوم کي دهشتگردي جي خلاف متحد ڪيو، 16 ڊسمبر جو ڏينهن آرمي پبلڪ اسڪول جي ش??يدن جي عظيم قربانين جي سدائين ياد ڏيا??ين??و رهندو. هن چيو ته بحيثيت قوم اسان دهشتگردي کي ??ڪس?? ڏيڻ جي لاءِ ڊگهو سفر طئي ڪيو، اسان پاڪستان ۾ پائيدار امن ۽ ترقي طرف گامزن آهيو??. ه?? دعا ڪئي ته الله تعاليٰ آرمي پبلڪ اسڪول جي ش??يدن جا درجا بلند ڪري ۽ انهن جي گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.