ڪراچي – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سمورن سرڪاري آفيسرن تي زور ڏنو آهي ته اهي عوام کي انصاف جي فراهمي ۽ انه?? جي خدمت کي ا?? جي حقيقي روح سان يقيني بڻائين ته جيئن شهرين کي درپيش مسئلن کي گهٽ کان گهٽ وقت ۾ حل ڪري سگهجي. اها ڳالهه هن گورنر هائوس ڪراچي ۾ وفاقي ٽيڪ?? محتسب جي ڪردار، فرضن ۽ ڪارڪردگي جي عنوان سان منعقد آگاهي سيمينار کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي ايف ٽي او جي سالياني رپورٽ سال 2021ع پڻ جاري ڪئي وئي. صدر عارف علوي چيو ته اهو محتسب جي بنيادي فرضن ۾ شامل آهي ته هو متاثر شهرين کي انصاف جي فراهمي جي عمل کي تيز ڪري ۽ انفرادي حيثيت ۾ يا وڏي گ??وپ طور شهرين کي متاثر ڪندڙ مسئل?? جي حل لاءِ رستو ڳولي. صدر چيو ته لکيل لفظ ڪجهه وقتن تي هر معاملي جو احاطو نه ٿا ڪري سگهن ان لاءِ اعليٰ عدليه کي آئين ۽ قانو?? جي تشريح جو اختيار حاصل آهي. هن چيو ته قانونسازي جاري ۽ ساري عمل آهي جيڪو نئين ترقي، مصنوعات، اڀرندڙ ڪاروبار، واپاري عمل ۽ معاشري جي ترقي سان ارتقا پذير ٿئي ٿو. مجموعي قانوني فريم ورڪ وانگر ٽيڪس قانون به هڪ متحرڪ عمل مان گذرن ٿا ۽ انهن کي عوام جي سهولت ۽ خدمت جي جذبي تحت انهن کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ سدائين ترميمن ۽ تشريح جي ضرورت هوندي آهي. هن چيو ته دوستاڻو، خدمتن تي ٻڌل ۽ معروضي ٽيڪس نظام ٺاهڻ جي ضرورت آهي جتي هر ٽيڪس ڏيندڙ خوشي ۽ پنهنجي مرضي سان قانو?? جي پاسداري ڪري ۽ بنا ڪنهن خوف جي ٽيڪس جي ادائيگي ڪري. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته محتسب سيڪريٽريٽ رياست جا اهم ادارا آه?? جيڪي لاڳاپيل قانون?? جي صحيح تشريح ۽ متاثر شهرين کي انصاف فراهم ڪري عوامي مسئل?? جي حل ۾ موثر ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ڊاڪٽر عارف علوي وڌيڪ چيو ته محتسب ڀلي اهو وفاقي هجي، ٽيڪس هجي يا انشورن?? محتسب سرڪاري ادارن جا حريف ناهن هوندا پر اهي عوام کي سهولت فراهم ڪرڻ ۽ انه?? جي شڪايت?? جي حل لاءِ لاڳاپيل فورمز تائين انه?? جي پهچ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. حضرت محمد ﷺ ۽ خلفاءِ راشدي?? جي دور جو حوالو ڏيندي صدر چيو ته جڏهن به ڪنهن کي عوامي معامل?? جي انتظام لاءِ مقرر ڪيو ويندو هو ته ان کي هدايت ڪئي ويندي هئي ته هو عوام جي پهچ کي يقيني بڻائي ۽ خدمت جي جذبي کي سرفهرست رکي. هن چيو ته دروازا کليل رکڻ ۽ ماڻهن جون شڪايتون ٻڌڻ جي جذبي کي زندهه رکڻ گهرجي. بدعنواني ۽ ٽيڪس چوري پوري دنيا ۾ پکڙيل آهي جڏهن ته قانون ۽ قاعدن ۾ ڪجهه خاميون ۽ بي ضابطگيون آه?? جيڪي عوام يا سرڪاري عهديدارن کي انه?? جي غلط استعمال جو موقعو فراهم ڪن ٿيون. هن چيو ته بدعنواني هڪ اهڙي لعنت آهي جنهن کي معاشري مان مڪمل طور تي ختم ڪري سگهجي ٿو پر اهو افسوسناڪ آهي ته اسا?? جي معاشري ۾ ان جو تناسب ٻين ترقي يافته قومن کان وڌيڪ آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بدقسمتي سان اڄڪلهه ڪوڙين ۽ بي بنياد خبرن جو دور آهي ج?? جي ڪري اصل مقصد پٺتي رهجي وڃي ٿو ۽ پنهنجي مرضي جو مفهوم ڪڍڻ جي لاءِ لفظن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو پيو وڃي. وفاقي ٽيڪ?? محتسب ڊاڪٽر آصف محمود جاه ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته ايف ٽي او هڪ متحرڪ اداري طور تي ٽيڪس ڏيندڙن کي باعزت حيثيت ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن انهن کي ٽيڪس جي ادائگي ۽ مسئل?? جي حل ۾ مشڪلاتن کي منهن نه ڏيڻو پوي. هن وڌيڪ چيو ته مقامي سطح تي تيار ڪئي ويندڙ گاڏين تي ٽيڪس جي شرح ۾ گهٽتائي بابت هڪ تازي ڪيس ۾ ايف ٽي او جي فيصلي 9 هزار پنج سئو کان وڌيڪ ٽيڪس ڏيندڙن کي ريليف فراهم ڪيو جڏهن ته ٽريڪٽرز تي ٽيڪس جي حوالي سان پنهنجي نوعيت جي هڪ ٻئي ڪيس ۾ عوام کي ريليف ملندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان موقعي تي وفاقي ٽيڪ?? محتسب جي قدمن مان فائدو کڻندڙ شهرين کي ٽيڪس ريفنڊ جا چيڪ پڻ ڏنا.