اسلام آباد– 20 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اتحادي حڪومت جي سڀ کان وڏي ڪاميابي ملڪ کي ??را??يڪ?? عمران کان پاڪ ڪرڻ آهي، ملڪ کي سڀ کان وڏي فارن ايجنٽ، فتني ۽ مافيا کان ڇوٽڪارو ڏياريو، سدائين ملڪ ۽ معيشت کي مشڪلاتن مان ڪڍيو آهي، عمران ??را??ي??ٽ ملڪ کي معاشي ڏيوالپڻي طرف ڌڪيو، اڄ ملڪ ۾ مهانگائي، معاشي تباهي ۽ سياسي عدم استحڪام عمران ??را??يڪ?? جي ??ري آهي. عمران خان جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) 2018ع ۾ ملڪ کي تاريخي معاشي استحڪام ۽ عوام کي سستي ماني، کنڊ، اٽو، بجلي، گئس، پيٽرول، نوجوانن کي روزگار، ملڪ کي ترقي، سي پيڪ، 14 هزار ميگاواٽ بجلي ۽ دهشتگردي کان پاڪ پاڪستان ڏئي وئي هئي. مسلم ليگ (ن) ملڪ کي تاريخي 6.2 سيڪڙو تي رکي ۽ آءِ ايم ايف جو پروگرام مڪمل ڪري ڏئي وئي هئي. هن چيو ته 4 سالن ۾ عمران ??را??ي??ٽ ملڪ جو معاشي ڏيوالپڻو ڪيو، نوجوانن کي بيروزگار ڪيو، ملڪ کي دهشتگردي ڏني، ترقي روڪي ڇڏي. وفاقي وزير چيو ته عمران ??را??يڪ?? 4 سالا عوام کي غربت، مهانگائي جي ??ڪيءَ ۾ پيسڻ، اٽو، کنڊ، داليون ۽ تيل مهانگو ڪيو، اڄ ملڪ ۾ ماني مهانگي آهي ته عمران ??را??يڪ?? جي ??ري اڄ سخت شرطن وارو آءِ ايم ايف جو پروگرام عمران ??را??يڪ?? جو عوام کي ڏنل تحفو آهي، 4 سال عمران فارن فنڊيڊ ??را??ي??ٽ ملڪ جي پرڏيهي لاڳاپن کي تباهه ڪري عالمي سطح تي اڪيلو ڪيو. هن چيو ته اڄ ملڪ ۾ مهانگي بجلي ۽ گئس عمران ??را??يڪ?? جي ??ري آهي، 4 سال تباهي مچائي مهانگائي جو طوفان آڻي اڄ اليڪشن اليڪشن جي رٽ لڳائي ويو هوندو. عمران خان 2018ع ۾ ملڪ تي مڙهڻ واري اليڪشن جي ??الهه ڪري سگهي ٿو، اليڪشن وڙهي نه ٿو سگهي.