پشاور – 03 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 30 جنوري تي پوليس لائينز جي مسجد ۾ ٿيندڙ خو??ڪش حملي جي شهيدن جي وارثن جي لاءِ 20 لک رپيا ۽ زخمين جي لاءِ 5 لک رپين جو اعلان ڪيو ??هي. گورنر هائوس ۾ ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم چ??و ته معاوضي جي رقم ان ڏک جو مداوو نه آهي جنهن مان متاثرين جا گهروارا گذري رهيا آهن پر اها وفاقي حڪومت پاران ڏکويل خاندان ۽ زخمين جي مالي مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش جو حصو آهي. وزيراعظم چ??و ته سڄي قوم سميت سول ۽ ملٽري آرمڊ فورسز، سول سوسائ??ي، عوام ۽ سرڪاري آفيسرن دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ عظيم قربانيون ڏنيون آهن.