اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته يورپي يونين جي هائي رسڪ ملڪن جي فهرست مان پ??ڪستان جو نڪرڻ ??هم ڪاميابي آه??، ان سان ملڪ ۾ ڪاروبار کي فروغ ملندو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته يورپي يونين پ??ران پ??ڪستان کي هائي رسڪ ملڪن جي فهرست مان ڪڍڻ اهم ڪاميابي آهي. وزيراعظم چيو ته هائي رسڪ فهرست مان نڪرڻ ??ان پ??ڪستان ۾ ڪاروبار کي فروغ ملندو ۽ ماڻهن ۽ ادارن کي سهولتون ملنديون. وزيراعظم چيو ته ان ڪاميابي سان مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردي جي مالي ذريعن جي خلاف پاڪستان جي عزم جي عڪاسي ٿي رهي آهي.