اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پا??ان جاري بيان موجب صدر ناز آفريدي، سحر لاکاڻي ۽ سرمد علي کي اي پي اين ايس جو متفقه لاڳاپيل صدر ۽ سيڪريٽري جنرل چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته نوان چونڊيل عهديدار ملڪ ۾ ميڊيا جي ترقي لاءِ قدم وڌيڪ تيز ڪندا. صدر امتنان شاهد کي سينيئر نائب ص??ر طور، محمد اسلم قاضي کي نائب صدر، ايس ايم منير جيلاني کي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ شهاب زبيري کي فنانس سيڪريٽري اي پي اين ايس چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته ميڊيا ملڪ ۾ امن، برداشت، اخلا??ي ۽ جمهوري قدرن جي فروغ لاءِ ڪم ڪري. ڊاڪٽر عارف علوي فيڪ نيوز کي روڪڻ جي لاءِ اخبارن پا??ان ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ميڊيا سماجي مسئلن، عورتن ۽ خصوصي ماڻهن جي حقن تي ماڻهن ۾ آگاهي پيدا ڪري.