لاهور- 22 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ ترڪيه جي حڪومت، قيادت ۽ عوام کي عيدالفطر جون مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم ??فيس جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم ??رڪيه ۾ 6 فيبروري جي زلزلي جي متاثرن لاءِ به دعا ڪئي ۽ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلي دوران ترڪيه سان گڏ بيهڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. صدر اردوان وزيراعظم ??ي عيد مبارڪ جو گرمجوشي سان جواب ڏنو ۽ پاڪستاني عوام لاءِ پنهنجي خصوصي ڀائراڻي جذبن ۽ پيار جو اظهار ڪيو. ترڪ ص??ر زلزلي دوران مشڪل جي گهڙي ۾ ساڻن گڏ بيهڻ تي پاڪستاني عوام ۽ حڪومت جو شڪريو ادا ڪيو ۽ پيغام ڏنو ته هو پاڪستان جي امداد کي ڪڏهن به نه وساريندا. ترڪ ص??ر زلزلي کانپوءِ وزيراعظم ??ي ترڪيه جي دوري کي به ساراهيندي چيو ته پاڪستان جيڪو قيادت جو مظاهرو ڪيو اهو سدائين ياد رکنداسين. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ڀائرن م??ڪن وچ ۾ بهترين ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار، معيشت، غذائي تحفظ ۽ متبادل توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن سمورن اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي هڪٻئي سان ويجهي رابطي ۾ رهڻ جي عزم جو ورجاءُ پڻ ڪيو. وزيراعظم ??در اردوان کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني جنهن کي هن قبول ڪري ورتو.