اسلام آباد -11 مئي (اي پي پي) پاڪستان جي آئين جي گولڊن جوبلي جي سلسلي ۾ رٿيل ٻن ڏينهن واري عالمي ڪنوينشن پڄاڻي تي پهتي، ڪنوينشن ۾ 17 کان وڌيڪ ملڪن جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان ۾ بيلجيئم، ايران، ڪينيا، شام، جمهوريه ڪرغزستان، برطانيه، آمريڪا، اسڪاٽ لينڊ سميت ٻين ملڪن جا وفد شامل هئا. ڪنوينشن ۾ ان??روني ملڪن مان پارليامينٽ جي م??مب??ن، سياسي اڳواڻن، سول سوسائٽي جي م??مب??ن، عورتن، اڪيڊميا، غير مسلم اڳواڻن شرڪت ڪئي، سعودي عرب جي مجلس شوريٰ جو چيئرمين ڊاڪٽ?? عبدالله بن محمد بن ابراهيم الشيخ پڻ شريڪ ٿيو. ڪنوينشن جي پهرين ڏينهن پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان، وفاقي وزي?? سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وفاقي وزي?? سينيٽر شيري رحمان، سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين فاروق ايڇ نائيڪ ۽ قمر زمان ڪائره خطاب ڪيو، ڪنوينشن جي ٻي ڏينهن واري پڄاڻي جي تقريب کي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪيو. ان موقعي تي پڌرائي پڻ جاري ڪئي وئي. ڪنوينشن جي پڄاڻي واري سيشن ۾ ڊاڪٽر نفيسه شاه پڌرائي پيش ڪئي.