اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) پر??يهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عراق جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي بغداد پهچي ويو. پر??يهي آفيس موجب عراقي گادي واري شهر بغداد پهچڻ تي عراقي نائب پر??يهي وزير سميت ٻين عراقي عملدارن، بغداد ۾ پاڪستان جي سفير احمد امجد علي ۽ سفارتخاني جي سينيئر آفيسرن ايئرپورٽ تي پر??يهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو شاندار استقبال ڪيو. ٻنهي ملڪن جا پر??يهي وزير اڄ باضابطا ڳالهيون پڻ ڪندا. پر??يهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي دوري جي دعوت عراق جي نائب وزيراعظم ۽ پر??يهي وزير ڊاڪٽر فواد حسين ڏني آهي. پر??يهي وزير بلاول ڀٽو زرداري دوري دوران عراقي قيادت سان ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي ڪي??رن ئي معاملن ۽ ٻطرفي تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. پر??يهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستاني سفارتخاني جي ڪمپليڪس جي پيڙهه جو پٿر پڻ رکندو. پر??يهي وزير جي عراق جي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعليم جي شعبي، ثقافتي تعاون ۽ ويزا جي سهولت بابت ڪي??رن ئي معاهدن تي صحيحون پڻ متوقع آهن.