اسلام آباد- 10 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمداسحاق ڊار چيو آهي ته حڪومت ايندڙ مالي سال 24-2023ع دوران ورڪنگ جرنل??ٽ هيلٿ انشورنس ڪارڊ ۽ آرٽ??ٽ هيلٿ انشورنس ڪارڊ جاري ڪندي. نجي نيوز چئنل سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته رٽائرڊ وفاقي سرڪاري ملازمن جي پي??شن ۾ به 17.5 سيڪڙو ا??اف?? ڪيو ويو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ سينيٽر محمداسحاق ڊار چيو ته حڪومت وفاقي سرڪاري ملازمن کي ايڊهاڪ رليف الائونس جي شڪل ۾ گريڊ هڪ کان 16 تائين لاءِ 35 سيڪڙو جڏهن ته گريڊ 22-17 تائين لاءِ 30 سيڪڙو جو رليف ڏنو پي?? وڃي. انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع نه ڪرائيندڙن جي حوالي سان وفاقي وزير ٻڌايو ته حڪومت انهن طرفان روڪ رقم ڪڍرائڻ تي وڌ هولڊنگ ٽيڪس ٻيهر لاڳو ڪيو آهي. پگهاردار طبقي لاءِ رليف قدمن جو اعلان ڪندي اسحاق ڊار چيو ته حڪومت وڌندڙ مهانگائي سبب انهن جي مالي مشڪلاتن جو احساس ڪندي پگهارن ۾ ايڊهاڪ بنيادن تي 30 کان 35 سيڪڙو ۽ وفاقي سرڪاري ملازمن جي پي??شن ۾ 17.5 سيڪڙو ا??اف?? جي تجويز آهي. هن چيو ته ايڊهاڪ رليف ڏيڻ جو مقصد خريداري جي قوت ۾ ا??اف?? ڪرڻ آهي. هن چيو ته اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري (آءِ سي ٽي) ۾ گهٽ ۾ گهٽ پي??شن کي 12 هزار روپيا ۽ گهٽ ۾ گهٽ ماهوار ڏهاڙي 25 هزار روپين کان وڌائي 32 هزار روپيا ڪرڻ جي تجويز کي به بجيٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.