اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) پاڪستان قازقستان ٻطرفي سياسي مشاورت جو ٻيو دور آستانه قازقستان ۾ ٿيو. (افغانستان ۽ اولهه ايشيا) بابت ايڊيشنل سيڪريٽري سيد احسن رضا شاهه پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي جڏهن ته قازقستان جي پرڏيهي معاملن واري نائب وزير ڪنات تميش ڳالهه ٻولهه ۾ پنهنجي ملڪ جي قيادت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻ??هي طرفن مشاورت جي دوران سياسي ۽ سفارتي، واپاري، اقتصادي رابطن، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطر??ن لاڳاپن جي مختلف رخن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڌرين علائقائي ۽ عالمي اهميت جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گڏيل قومن، سيڪا، او آءِ سي، اي سي او ۽ شن??ها??ي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي فريم ورڪ ۾ ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جو پڻ جائزو ورتو. ڌرين ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ تي اتفاق ڪيو جيڪو ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي وڌ??ئڻ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو. ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ رابطا وڌ??ئڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو ۽ ايندڙ مهيني جي شروع ۾ سڌوسنئون اڏامن جي بحالي جي آجيان ڪئي. پاڪستان قازقستان ٻطرفي سياسي مشاورت ڌرين کي ٻطر??ن لاڳاپن جي موجوده سطح جو ٺوس جائزووٺڻ جو موقعو فراهم ڪيو. ٻ??هي طرفن گڏيل دلچسپي جي نئين شعبن جي نشاندهي ڪئي ۽ ٻطر??ن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻ??ئڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو.