اسلام آباد – 04 –جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??ريم اورنگزيب پاڪستاني نوجوان فهد شهباز ??ي عالمي ڊيانا ايوارڊ کٽڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته 18 سال جي عمر ۾ يوٿ جنرل اسيمبلي جو بنياد رکندڙ باصلاحيت نوجوان فهد شهباز ??ي اهو ايوارڊ ملڻ پاڪستاني نوجوانن جي مثبت سوچ ۽ جدوجهد سان معاشري ۾ تبديلي آڻڻ جو روشن مثال آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ فهد شهباز جي تصوير شيئر ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اها پاڪستان جي اصل سڃاڻپ ۽ معمار جيڪي عمارتون نه مثبت سوچ جا ڏيئا ٻارين ٿا. هن چيو ته ثمينه بيگ، نائله ڪيان??، باڪسر تيمور خان ۽ فهد شهباز جهڙا شاهين صفت پرعزم نوجوان ئي پاڪستان جي شان ۽ قابل تقليد مثال آهن، اسان کي توهان تي فخر آهي.