اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بينظير انڪم سپورٽ پروگ??ام تحت سماجي تحفظ اڪائونٽ جاري ڪري ڇڏيو. بي آءِ ايس پي تحت سماجي تحفظ اڪائونٽ جي جاري ڪرڻ جي تقريب ٿي. تقريب ۾ وزيراعظم خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، غربت جي خاتمي واري وفاقي وزير شازيه مري ۽ مملڪتي وزير فيصل ڪريم ڪنڊي به موجود هئا. ان موقعي تي ب??يف??گ ۾ ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال 3 لک نئين ماڻهن کي پروگ??ام ۾ شامل ڪيو ويندو. سماجي تحفظ اڪائونٽ سان پروگ??ام ۾ شفافيت ايندي. بي آءِ ايس پي تحت رجسٽرڊ ماڻهو بئنڪ اڪائونٽ هولڊر هوندا.